سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پاڪستان ۽ پاڪستانين جو دشمن آهي، هو ملڪ دشمن قوتن جي اشاري تي هل پيو، اقتدار جي حوس ۾ هر حد تائين وڃي سگهي ٿو. جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان سعودي عرب ۾ ڏهن پاڪستاني خاندانن جي ڪفيل جي سزائون ڏياريون، هو نه رڳو رياستي ادارن ۽ پر پاڪستان جي 23 ڪروڙ عوام کي پنهنجن مفادن لاءِ نشاني تي  رکيو آهي. هن چيو ته عمران خان جو آمريڪي سازش وارو موقف ڪوڙو ثابت ٿي چڪو آهي، چوي ٿو ته سائفر تي اڃا هو کيڏيو ئي ناهي، ڪڏهن آمريڪا خلاف ڳالهائي ٿو ته ڪڏهن انهن آڏو منٿون ڪري ٿو. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان ڪرپشن جا رڪارڊ ٺاهيا، عليمه خان پرڏيهه ملڪيتون ڪيئن ٺاهيون؟ عمران خان فرح گوگي کي ملڪ مان فرار ڪرايو. صوبائي وزير چيو ته عمران خان ادارن کي بليڪ ميل ڪري رهيو آهي ته جيئن سندس خلاف ڪو ڪارروائي نه ڪري، پر عوام هاڻي سجاڳ ٿي چڪو آهي، نوجوان گهراهه نه ٿيندا. شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان کي جيڪو کيڏڻو هو اهو کيڏي چڪو، قومي سلامتي ۽ رياستي ادارن کي سندس خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.